Skip to main content

سنڌي ٻولي جي تاريخ

سنڌي ٻولي جي تاريخ
اچو تہ ٻولي بچايو.
گل مورو.
دنيا جهان جا محقق ان ڳالهه تي متفق آهي ته ٻولين جي تاريخ قومن، تهذيبن ۽ انسان جي جنم سان جڙيل آهي. ٻوليءَ جي تاريخ خود انسان جي تاريخ آهي. ڇو ته جڏهن انسان جنم ورتو ۽ ڪائنات جي تخليق ٿي، ان ڏينهن کان ئي ٻولي وجود ۾ آئي، اها هڪ فطري حقيقت آهي ته ٻولي انسان جي ازلي ماءُ آهي، جنهن پنهنجي تهذيب تمدن کي سمجهڻ ۽ ڪائنات جي گولي تي قومن جي روپ ۾ جيئڻ جو دڳ ڏنو. ايئن ئي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ٻولي به هڪ قديمي ورثو رکي ٿو. جڏهن ته ننڍي کنڊ ۾ ٻولي دور کي ٽن دورن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ 500 ق م کان 1500  ق م تائين سنسڪرت ۽ ان جي همعصر ٻولين جو دور 510 کان 600 ق م پراڪرتي ۽ همعصر ٻولين جو دور جڏهن ته ٽيون دور 600 کان موجود عيسوي سن تائين چيو وڃي ٿو. قديم هندي ۽ دنيا جي ٻين قديمي ٻولين جيان سنڌي ٻولي به پنهنجي الڳ تهذيب ۽ سڃاڻپ رکي ٿي. سنڌ&1676;يءَ ٻوليءَ بابت ٻولي ماهر رچرڊ برٽن لکيو هو ته ”سنڌي هڪ خاص جدا زبان آهي“.
جڏهن ته ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ سرجان مارشل جي اين منجدار، ايم ٽي وهيلر سنڌ جي قديمي ورثي موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪرائي ته ان تحقيق ڪيترائي سوال ڇڏيا، جنهن تي ڊاڪٽر ٽرمپ گريرسن راءِ ڏني ته سنڌي قديم زبان آهي جيڪا سنسڪرت کان به اڳي جي آهي ۽ سنڌ جا محقق جنهن ۾ علامه دائود پوٽو، محمد ابراهيم جويو کان سراج ۽ انور پيرزادي تائين اهو چيو ته سنڌي ٻولي قديمي ٻولي آهي، اها ڀٽائي جي ٻولي آهي. ڏيهه توڙي پرڏيهه جا ڏاها ان ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌي زبان دنيا جي سڌريل ۽ اوسر ڪيل زبانن مان هڪ قديمي زبان آهي جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ ڏهن هزارن ورهين جي ڊگهي تاريخ آهي. سنڌي زبان هن ئي ماتر ڀوميءَ مان جنم ورتو، جنهن جا آثار ۽ علامتون اڄ به موهن جي دڙي جي مُهرن تي موجود آهن. اصل ۾ ٻولي انسان جي سوچن، خيالن، نظرين، امنگن، جذبن ۽ احساسن جي تاريخ ۽ تهذيبي ڪارڪردگيءَ جو آئينو هوندي آهي.
نوجوان محقق الطاف جوکيو ٻوليءَ بابت لکي ٿو ته 1853 ۾ سنڌي ٻولي جي رسم الخط جيڪا جوڙي وئي. ان جو سهور ابوالحس ٺٽوي ڏانهن وڃي ٿو پر موجوده دور ۾ عربي سنڌي آيوٽيا جنهن کي ايلس جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. اها هارون لوهار جي ترتيب ڏنل آهي، جن جي وسرڳن جي ڳاڻيٽي جو تعداد ڏهه آهي.
جولاءِ 1853 ۾ ايلس واري ڪاميٽيءَ 1854 ۾ مئن هائوس جي هارون لوهار طرفان چارٽ ذريعي عام ڪئي وئي. ان ئي ٻوليءَ ۾ 1866 ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ لبيا جرمنيءَ مان ڀٽائي جو رسالو ڇپائي ڪم ۾ آندي، اهو سنڌي قوم مٿان ڊاڪٽر ٽرمپ جو احسان آهي. جو هن ڀونءِ کي ڀٽائي ڳولي ڏنو.
جڏهن 1700ع ۾ ابوالحسن ٺٽوي رسم الخط سنڌي ۾ جوڙي هئي، اڃان سنڌي ٻولي ڌارين جي گهٽ ٻوسٽ مان ساهه مس کنيو هو ته جنگ مياني ۽ جنگ دوابي جي نتيجي ۾ سنڌ انگريزن جي قبضي هيٺ اچي وئي، پر انگريز سرڪار جو اهو ٿورو چئجي يا سندن مفاد جو، انگريز بمبئي سرڪار هڪ نوٽيفڪيشن نمبر 1852 تاريخ 6 سيپٽمبر 1851 تحت سنڌي ٻولي کي سرڪاري قومي ٻولي جو درجو ڏنو. ان وقت 1852 ۾ سنڌ جو انگريز ڪمشنر بڻيو. ان جي اڳواڻيءَ ۾ اٺن ڄڻن جي ڪاميٽي جوڙي وئي ته جيئن رسم الخط جوڙي سگهجي. انهن ۾ راءِ بهادر نارائڻ جگن ناٿ، ديوان نندي رام، ديوان پرڀوداس، ديوان آدهو رام، مرزا صادق علي بيگ، ميان محمد صاحب، قاضي غلام علي ٺٽوي، ميان غلام حسين ٺٽوي هئا. هن جوڙيل ڪاميٽيءَ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ۽ ضياءُالدين جي سنڌي کي سامهون رکي سنڌي رسم الخط جوڙي. ايلس جي هن ڪاميٽيءَ سنڌي زبان جي ڄڻ ته راهه هموار ڪري ڇڏي. ان بعد جان جيڪب 1888 ۾ ڇپائي لاءِ تجويزون پيش ڪيون، جيڪي به عام آمد ٿيون، جڏهن ته پريٽ رائن اسٽرڪ سنڌي زبان جو گرامر جوڙيو ۽ ان کانپوءِ مرزا قليچ بيگ اصلاحون ڪيون.
جيڪڏهن سنڌي لغت سازي تي نظر وجهبي ته ٽالپور دور 1842 کان ملي ٿي. سنڌ جي اديب تاج جويو جي مرتب ڪيل فهرست موجب 1843 کان 1988ع تائين 90 سنڌي لغتون شايع ٿي چڪيون آهن پر ڌارين جو سنڌ ڏانهن جيڪو سلسلو تيزيءَ سان جاري آهي. انهيءَ سنڌي ٻوليءَ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙي ئي خطري جو گهاءُ سنڌ کان وڇڙي ويل شاعر پرسرام ضيا کان پنهنجي ممتا ۽ پوهو ماءُ کان ٻولي کي ورتي ته پوهو ماءُ پٽون ۽ پاراتا ڏيندي رهي!
اها پوهو ماءُ ٻاروتن جي ٻوليءَ لاءِ ٻاڪاريندي رهي، ڇو ته ٻوليون قومن ۽ تهذيبن جي سڃاڻپ هونديون آهن. ڪيتريون ئي ٻوليون پنهنجون وجود وڃائي ويٺيون ۽ ڪيترن ٻولين جو وجود هن وقت به خطري هيٺ آهي. آخر انهن قديم ٻولين جو ڇا ٿيندو جن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اهو ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ سنڌي ٻوليءَ سان 47 کان روا رکيو ويو. ايتريقدر جو جڏهن ڪراچيءَ ۾ 1948 ۾ ريڊيو اسٽيشن کولي وئي ته ان جي شروعات به اردو ۽ انگريزيءَ سان ڪئي وئي. گهڻي جدوجهد کان پوءِ 1951ع ۾ شام جو اڌ منو ڪلاڪ سنڌي ڳائڻن کي ڏنو ويو. جڏهن 1956 ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي سائين جي ايم سيد ٻوليءَ جي مسئلي تي تقرير ڪندي گهر ڪئي ته دنيا ۾ سنڌ ۽ ان جي ڌرتي ڌڻين جي هڪ تمام قديم ۽ تاريخي تهذيب آهي. اسان جي ٻولي به ان تهذيب سان موجود آهي. هن اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. ان جي باوجود مادري ٻولين کي مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو ويو. اصل ۾ بنگال جو ورهاڱو به ٻوليءَ کي تسليم نه ڪرڻ جو ورهاڱو هو. ملڪي اسٽيبلشمينٽ ون يونٽ لاڳو ڪري مسلم قوميت جو راڳ ڳائڻس شروع ڪيو. سنڌ جي صوبائي سرڪار 72ع ۾ ٻولي ائڪٽ به پاس ڪيو پر ان تي اڄ ڏينهن تائين عمل نه ڪرايو ويو. 1969ع ۾ سنڌ جي شاگردن، اديبن، عالمن، شاعرن، استادن سڄاڻ ڌرين جي 56 اهم سڄڻن صحيحون ڪري ملڪي راڄڌاني کان گهر ڪئي ته ٻوليءَ واري مامري تي ”آل پاڪستان ٻولي ڪميشن جوڙي وڃي. ڇو ته ٻولي اهو وسيلو آهي جنهن کي جانور/پکي ٻوليندا آهن ۽ انسان ڳالهائيندا آهن. ٻولڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ بنيادي فرق ”شعور“ جو آهي. هاڻي ٻوليءَ کانسواءِ ڪنهن به انساني سماج جو تصور ڪرڻ به ممڪن ڪونهي پوءِ به نابري!

جڏهن ته سائين محمد ابراهيم جويو ۽ عبدالحڪيم ارشد به اهي ئي ٻوليون ٻوليندا رهيا ته ”ماڻهن جي هر تهذيب جي ابتدا به ذهن جي انهيءَ معجزي سان ٿئي ٿي، جنهن کي ٻولي چئجي ٿو“. ٻوليون قومن جي روح جا، انهن جي آدرشن جا، انهن جي هئڻ جي احساسن جا سڀ کان سڌا ۽ چٽا اظهار آهن. اهي اظهار اهي احساس ۽ اهي جذبات کڻي جڏهن ڀٽائي جي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي ستل اياز ٻوليءَ جي جياپي لاءِ هي سٽون چيون ته:
پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جڏهن چوندين ماءُ،
توکي اهڙو ساءُ، توکي ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي. (اياز)
اياز جو اهو آواز ٻڌي نارائڻ شيام چوڻ لڳو ته:
الا ايئن مَ هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
هئي .
سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. (نارائڻ شيام)
انهيءَ لمحي کي سامهون رکندي سنڌ جي ساڃاهه وندن جيان هند جي سنڌي ساڃاهه وندن اتان جي ساڃاهه وند وزير رام داس اياز سان آواز ۾ آواز ملايو ته ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ هن ٻولي تحريڪ جي نتيجي ۾ 1951ع ۾ ڀارت جي وزيراعظم نهرو سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي برابر تسليم ڪيو. نيٺ 10 اپريل 1967ع تي وزيراعظم اندرا گانڌي سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي آئين جي اٺين شيڊول ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ممبئي يونيورسٽي، اجمير يونيورسٽي ۽ دهلي يونيورسٽين ۾ 15 جون 74ع کان سنڌي شعبا قائم ڪيا ويا. جتي هن وقت به ايم اي، پي ايڇ ڊي، ڊپلوما ۽ سنڌيءَ جا ٻيا ڪورس سنڌيءَ ۾ پڙهايا وڃن ٿا. جڏهن ته پاڻ واري پنجاب يونيورسٽي ۾ هڪ استاد به سنڌي ڪونهي نه وري ڪو سنڌي شعبو آهي. ڪيڏي نه حيرت آهي جو پاڪستان ۾ هنن ڏکين حالتن هوندي به قومي وحدتن جي قديمي تهذيبن ۽ بدلين کي اڃان تائين ڪا به سرڪار قومي تشخص ڏيڻ ۽ قبولڻ لاءِ تيار ناهي، پر ڀارت ۾ اڄ به 22 ٻولين کي قومي ٻولي تسليم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آسامي، بنگالي، بورو، هندي، گجراتي، ڪنڙ، ڪشميري، ڪونڪتي، مليالم، مينپوري، مراٺي، نيپالي، اُڙيسه، ميتي/تيلگو، ڊوگري، سنڌي، سنسڪرت، پنجابي، تامل، ميثالي ۽ اردو شامل آهن، پر پنهنجي اصلوڪي وطن سنڌ ۾ سنڌي ٻولي اڄ به قومي ٻوليءَ جو درجو ماڻڻ کان محروم آهي. اڄ عالمي ٻولين جي ڏهاڙي تي ملڪي حڪمرانن کي به سوچڻ گهرجي ته هن ايڪيهين صديءَ جي تبديليءَ واري دور ۾ قديمي قومن، جي تهذيب ۽ ٻوليءَ کي تسليم نه ڪرڻ اها دانشمندي چئجي يا ناداني!؟

سنڌ جي ساڃاهه وندن کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ جو اڄ وقت پڪاري پيو اچو ته وچن ڪيون ته ٻوليءَ جي جدوجهد ۾ پنهنجا من صاف ڪري سنڌ جي قديمي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪنداسين ۽ اياز جون هي سٽون جهر جهنگ ورجايون پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان جڏهن چوندين ماءُ، توکي اهڙو ساءُ ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي! سو ٻي نه ٻوليون پاڻ ڪا ٻولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي اچو ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي بچايون.

Comments

Popular posts from this blog

سنڌ جو ‏وساريل ‏سورمو ‏شهيد ‏هيمون ‏ڪالاڻي

هِند ۽ سِنڌ جو سورمو: 21 جنوري 1943 هيمون جي موڪلاڻي   هيمون ڪالاڻي شيخ اياز لکيو آهي ته ”مان اڃان تائين اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته تاريخ شخصيتن کي ٺاهيندي آهي يا شخصيتون تاريخ کي ٺاهينديون آهن.“ بهرحال ٻنهي حالتن ۾ تاريخ کي پنهنجي سفر کي جاري رکڻ لاءِ شخصيتن جي قربانين جي ضرورت رهي ٿي. تاريخ جي ارتقا جو سفر جڏهن سست ٿيڻ لڳندو آهي ته تڏهن تاريخ کي رت جي ضرورت پوندي. تاريخ جو جياپو آهي رت ۽ شايد دنيا جي تاريخ کي ڳولي ڏسو توهان کي تاريخ جي وک وک تي شهيدن جي رت جا نشان نظر ايندا. سنڌ ۾ به راجا ڏاهر، دودي سومري، مخدوم بلاول، دولهه دريا خان،م هوشو شيدي، سورهيه بادشاهه کان هيمون ڪالاڻي تائين شهيدن جو مقدس رتُ، وک وک تي توهان کي نظر ايندو. سنڌ جي سمورن سورمن کي ڇڏي ڪري اسان صرف اڄ هيمون ڪالاڻيءَ جي شهادت جا پيرا کڻنداسين. پيدائش ۽ پرورش : سکر جي ڪالاڻي ڪٽنب ۾ پيسو مل جي گهر ۾ 23-مارچ 1923ع ۾ جنم وٺندڙ هيمو ڪالاڻيءَ جو اصل نالو ”راهي هيمن“ هو پر پيءُ ماءُ جي اڪيلي پٽ هئڻ سبب کيس پيار ۽ لاڏ ڪوڏ مان ”هيمون-هيمون“ چوندا هئا. هو تڪل ميونسپل اسڪول ۾ پڙهيو. ڪرشن منڊل جيمخانا ۾ ڪ...

سائين جي ايم سيد جي 116 هين سالگراھ ‏

سائين جي ايم سيد جي 116 هين سالگره ملهائي!  غلام مرتضيٰ سيد جي ايم سيد طور سڃاتو ويندو هو هڪ مشهور سنڌي سياستدان هو ، جيڪو پنهنجي علمي ڪم جي ڪري مشهور آهي ، 1943 ۾ برٽش انڊيا جي سنڌ اسيمبلي (جيڪا هاڻي سنڌ اسيمبلي آهي) کان پاڪستان جي قيام جي حق ۾ هڪ آئيني قرارداد پاس ڪندي.  بعد ۾ جدا جدا سنڌي سڃاڻپ لاءِ نظرياتي بنياد ڪم ۽ سنڌوديش تحريڪ جا بنياد رکڻ.  هن کي جديد سنڌي قوميت جي بنيادي بنيادن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.  جي ايم سيد 16 سالن جي عمر ۾ پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي جڏهن هن 17 مارچ 1920 تي پنهنجي شهر سن ۾ خلافت ڪانفرنس منظم ڪئي. سيد انهن ابتدائي سنڌي سياستدانن مان هو ، جن اسلامي پاڪستان جي تخليق جي ڪوشش ڪئي ، ۽ هن جو سگهارو حامي بڻجي ويو  ٻه قومي نظريي ، مسلم ليگي اڳواڻ محمد علي جناح پاران پيش ڪيل ؛  سيد خالص مذهبي رياست لاءِ مذهبي جوش و جذبي جو ثبوت منزل منزل کانپوءِ آهي ، جتي هو سنڌ کي پنهنجن هندن کان پاڪ ڪرڻ چاهي ٿو ، لکي ٿو: ”سڀ هندو جرمني مان يهودين وانگر سنڌ مان ڪڍيا ويندا“.  جيتوڻيڪ ، هڪ ڀيرو آزاد قوم بڻجڻ بعد ، هو 1948 ۾ رياست ...