هِند ۽ سِنڌ جو سورمو: 21 جنوري 1943 هيمون جي موڪلاڻي هيمون ڪالاڻي شيخ اياز لکيو آهي ته ”مان اڃان تائين اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته تاريخ شخصيتن کي ٺاهيندي آهي يا شخصيتون تاريخ کي ٺاهينديون آهن.“ بهرحال ٻنهي حالتن ۾ تاريخ کي پنهنجي سفر کي جاري رکڻ لاءِ شخصيتن جي قربانين جي ضرورت رهي ٿي. تاريخ جي ارتقا جو سفر جڏهن سست ٿيڻ لڳندو آهي ته تڏهن تاريخ کي رت جي ضرورت پوندي. تاريخ جو جياپو آهي رت ۽ شايد دنيا جي تاريخ کي ڳولي ڏسو توهان کي تاريخ جي وک وک تي شهيدن جي رت جا نشان نظر ايندا. سنڌ ۾ به راجا ڏاهر، دودي سومري، مخدوم بلاول، دولهه دريا خان،م هوشو شيدي، سورهيه بادشاهه کان هيمون ڪالاڻي تائين شهيدن جو مقدس رتُ، وک وک تي توهان کي نظر ايندو. سنڌ جي سمورن سورمن کي ڇڏي ڪري اسان صرف اڄ هيمون ڪالاڻيءَ جي شهادت جا پيرا کڻنداسين. پيدائش ۽ پرورش : سکر جي ڪالاڻي ڪٽنب ۾ پيسو مل جي گهر ۾ 23-مارچ 1923ع ۾ جنم وٺندڙ هيمو ڪالاڻيءَ جو اصل نالو ”راهي هيمن“ هو پر پيءُ ماءُ جي اڪيلي پٽ هئڻ سبب کيس پيار ۽ لاڏ ڪوڏ مان ”هيمون-هيمون“ چوندا هئا. هو تڪل ميونسپل اسڪول ۾ پڙهيو. ڪرشن منڊل جيمخانا ۾ ڪ...