Skip to main content

Posts

سائين جي ايم سيد جي 116 هين سالگراھ ‏

سائين جي ايم سيد جي 116 هين سالگره ملهائي!  غلام مرتضيٰ سيد جي ايم سيد طور سڃاتو ويندو هو هڪ مشهور سنڌي سياستدان هو ، جيڪو پنهنجي علمي ڪم جي ڪري مشهور آهي ، 1943 ۾ برٽش انڊيا جي سنڌ اسيمبلي (جيڪا هاڻي سنڌ اسيمبلي آهي) کان پاڪستان جي قيام جي حق ۾ هڪ آئيني قرارداد پاس ڪندي.  بعد ۾ جدا جدا سنڌي سڃاڻپ لاءِ نظرياتي بنياد ڪم ۽ سنڌوديش تحريڪ جا بنياد رکڻ.  هن کي جديد سنڌي قوميت جي بنيادي بنيادن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.  جي ايم سيد 16 سالن جي عمر ۾ پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي جڏهن هن 17 مارچ 1920 تي پنهنجي شهر سن ۾ خلافت ڪانفرنس منظم ڪئي. سيد انهن ابتدائي سنڌي سياستدانن مان هو ، جن اسلامي پاڪستان جي تخليق جي ڪوشش ڪئي ، ۽ هن جو سگهارو حامي بڻجي ويو  ٻه قومي نظريي ، مسلم ليگي اڳواڻ محمد علي جناح پاران پيش ڪيل ؛  سيد خالص مذهبي رياست لاءِ مذهبي جوش و جذبي جو ثبوت منزل منزل کانپوءِ آهي ، جتي هو سنڌ کي پنهنجن هندن کان پاڪ ڪرڻ چاهي ٿو ، لکي ٿو: ”سڀ هندو جرمني مان يهودين وانگر سنڌ مان ڪڍيا ويندا“.  جيتوڻيڪ ، هڪ ڀيرو آزاد قوم بڻجڻ بعد ، هو 1948 ۾ رياست ...
Recent posts

سنڌيءَ ۾ ضمير جي مختلف قسمن جو جائزو

#پوسٽ_نمبر_09 سنڌيءَ ۾ ضمير جي مختلف قسمن جو سرسري جائزو . " مرتضي'ناز "   (حصو ٻيو) 3. ضمير استفھام استفھام جي معني آهي سوال پڇڻ،  گرامر ۾ سوال پڇڻ لاءِ ڪم ايندڙ ضميرن کي ضمير استفھام چئبو آهي.  يعني اهڙا لفظ جيڪي سوال پڇڻ لاءِ اسم جي بدران ڪم اچن، انھن کي ضمير استفھام چيو وڃي ٿو.  جيئن: ڪير، ڪنھن، ڪھڙو، ڪڄاڙو، ڇا وغيره. نوٽ : جيڪڏهن ضمير استفھام طور ڪم ايندڙ لفظ کانپوءِ اسم ايندو تہ ساڳيو لفظ صفت استفھام ٿي ويندو. مثال: ١. انھن ڪتابن مان توهان ڪھڙو پڙهيو؟ (ڪھڙو=ضمير استفھام) انھن ڪتابن مان توهان ڪھڙو ڪتاب پڙهيو؟ (ڪھڙو=صفت استھفام)  4. . ضمير مشترڪ مشترڪ لفظ جي معني آهي، گڏيل يا ڳنڍيل يا شريڪ ٿيل اهو لفظ جيڪو فاعل سان گڏ ڪم اچي، ان تي زور ڏئي يا ان کي زوردار بڻائي، ان کي ضمير مشترڪ چئبو آهي. مثال؛- ١. مان پاڻ تي سوچيو.  ٢. اهي خود موجود هئا. ٣. ڇوڪرا پاڻ ڪِري پيا.  ٤. توهان خود مالڪ آهيو.  ٥. خدا پاڻ سڀ ڪجهہ ڄاڻي ٿو.  نوٽ :ڪڏهن ڪڏهن ضمير مشترڪ جو لفظ فاعل کان اڳ بہ استعمال ٿيندو آهي.  جيئن: خود، خدا فرمائي ٿو تہ منهنجي ...

سنڌي ٻولي جي تاريخ

سنڌي ٻولي جي تاريخ اچو تہ ٻولي بچايو . گل مورو . دنيا جهان جا محقق ان ڳالهه تي متفق آهي ته ٻولين جي تاريخ قومن، تهذيبن ۽ انسان جي جنم سان جڙيل آهي. ٻوليءَ جي تاريخ خود انسان جي تاريخ آهي. ڇو ته جڏهن انسان جنم ورتو ۽ ڪائنات جي تخليق ٿي، ان ڏينهن کان ئي ٻولي وجود ۾ آئي، اها هڪ فطري حقيقت آهي ته ٻولي انسان جي ازلي ماءُ آهي، جنهن پنهنجي تهذيب تمدن کي سمجهڻ ۽ ڪائنات جي گولي تي قومن جي روپ ۾ جيئڻ جو دڳ ڏنو. ايئن ئي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ٻولي به هڪ قديمي ورثو رکي ٿو. جڏهن ته ننڍي کنڊ ۾ ٻولي دور کي ٽن دورن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ 500 ق م کان 1500  ق م تائين سنسڪرت ۽ ان جي همعصر ٻولين جو دور 510 کان 600 ق م پراڪرتي ۽ همعصر ٻولين جو دور جڏهن ته ٽيون دور 600 کان موجود عيسوي سن تائين چيو وڃي ٿو. قديم هندي ۽ دنيا جي ٻين قديمي ٻولين جيان سنڌي ٻولي به پنهنجي الڳ تهذيب ۽ سڃاڻپ رکي ٿي. سنڌ&1676;يءَ ٻوليءَ بابت ٻولي ماهر رچرڊ برٽن لکيو هو ته ”سنڌي هڪ خاص جدا زبان آهي“. جڏهن ته ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ سرجان مارشل جي اين منجدار، ايم ٽي وهيلر سنڌ جي قديمي ورثي موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪر...

سنڌ جو ‏وساريل ‏سورمو ‏شهيد ‏هيمون ‏ڪالاڻي

هِند ۽ سِنڌ جو سورمو: 21 جنوري 1943 هيمون جي موڪلاڻي   هيمون ڪالاڻي شيخ اياز لکيو آهي ته ”مان اڃان تائين اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته تاريخ شخصيتن کي ٺاهيندي آهي يا شخصيتون تاريخ کي ٺاهينديون آهن.“ بهرحال ٻنهي حالتن ۾ تاريخ کي پنهنجي سفر کي جاري رکڻ لاءِ شخصيتن جي قربانين جي ضرورت رهي ٿي. تاريخ جي ارتقا جو سفر جڏهن سست ٿيڻ لڳندو آهي ته تڏهن تاريخ کي رت جي ضرورت پوندي. تاريخ جو جياپو آهي رت ۽ شايد دنيا جي تاريخ کي ڳولي ڏسو توهان کي تاريخ جي وک وک تي شهيدن جي رت جا نشان نظر ايندا. سنڌ ۾ به راجا ڏاهر، دودي سومري، مخدوم بلاول، دولهه دريا خان،م هوشو شيدي، سورهيه بادشاهه کان هيمون ڪالاڻي تائين شهيدن جو مقدس رتُ، وک وک تي توهان کي نظر ايندو. سنڌ جي سمورن سورمن کي ڇڏي ڪري اسان صرف اڄ هيمون ڪالاڻيءَ جي شهادت جا پيرا کڻنداسين. پيدائش ۽ پرورش : سکر جي ڪالاڻي ڪٽنب ۾ پيسو مل جي گهر ۾ 23-مارچ 1923ع ۾ جنم وٺندڙ هيمو ڪالاڻيءَ جو اصل نالو ”راهي هيمن“ هو پر پيءُ ماءُ جي اڪيلي پٽ هئڻ سبب کيس پيار ۽ لاڏ ڪوڏ مان ”هيمون-هيمون“ چوندا هئا. هو تڪل ميونسپل اسڪول ۾ پڙهيو. ڪرشن منڊل جيمخانا ۾ ڪ...